ڪتاب جتن جي تاريخ ٽائيٽل

ڪتاب جتن جي تاريخ ٽائيٽل

جتن جي تاريخ

جتن جي تاريخ (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب مصنف غلام رسول ميرجت (ايڊووڪيٽ) جو لکيل آهي. جنهن ۾ ڪُل 9 باب آهن. ڪتاب جي پهرئين باب ۾ جتن جي قدامت، جتن جو حسب نسب ۽ سندن اصل ماڳ مڪان، جتن ۽ بلوچن جو شجرو بيان ٿيل آهي. باب ٻئي ۾ اسلامي دور، جتن جا علائقا، سلطان محمود غزنوي ۽ جت، شاهه عنايت صوفيءَ جي شهادت ۽ حمل جت، جتن جا قبا، نارا ٿر جي جنگ، ڀٽاري واري جنگ ۽ ٻيا مضمون شامل آهن. ان کان سواءِ ٻين بابن ۾، ڪڇ ۽ گجرات ۾ جتن جون رياستون، جتن جا وسايل ماڳ مڪان ۽ جتڪي ٻوليءَ جهڙا مضمون شامل آهن. هي ڪتاب 272 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جي قيمت 90 روپيا آهي. هيءَ ڪتاب غلام رسول ميرجت، سردار پرنٽنگ پريس، حيدر چوڪ، حيدرآباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


لفظ جتن جي تاريخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو